وڪيپيڊيا sdwiki https://sd.wikipedia.org/wiki/%D9%85%D9%8F%DA%A9_%D8%B5%D9%81%D8%AD%D9%88 MediaWiki 1.39.0-wmf.23 first-letter ذريعات خاص بحث واپرائيندڙ واپرائيندڙ بحث وڪيپيڊيا وڪيپيڊيا بحث فائل فائل بحث ذريعات وڪي ذريعات وڪي بحث سانچو سانچو بحث مدد مدد بحث زمرو زمرو بحث باب باب بحث TimedText TimedText talk ماڊيول ماڊيول بحث گيجيٽ گيجيٽ بحث گيجيٽ وصف گيجيٽ وصف بحث آفتاب شاهه جيلاني 0 17478 240205 97816 2022-08-13T09:25:30Z مھتاب احمد سنڌي 4990 wikitext text/x-wiki پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ جو فرزند '''پير آفتاب حسين شاھ جيلاني'''، 15 نومبر 1946ع تي [[ميرپور خاص|ميرپورخاص]] ۾ ڄائو. پرائمريءَ کان مڊل تائين تعليم سينٽ مائيڪل ڪانوينٽ اسڪول ميرپورخاص ۾ حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص مان ڪيائين. بي. ايس سي (آنرس) ۽ ايم. ايس سي (آنرس) زرعي ڪاليج (يونيورسٽي) ٽنڊي ڄام مان پاس ڪيائين. ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي تعليم دوران ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪئپٽن رهيو. ڪرڪيٽ جو فرسٽ ڪلاس رانديگر رهيو. سنڌ جي ٽيم جو ڪئپٽن رهيو آهي. 1972ع کان 1977ع تائين سنڌ ڪرڪيٽ ائسوسيئيشن جو وائيس پريزيڊنٽ رهيو. ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ قائداعظم ٽرافي، ايوب ٽرافي ۽ پينٽگيولر ٽرافي حاصل ڪري چڪو آهي. 1974ع ۾ سريلنڪا ۽ سنڌ درميان ڪرڪيٽ ٽيم جو ميمبر رهيو. 1995ع ۾ ڀارت ۾ سارڪ ملڪن طرفان کيڏجندڙ سيف گيمز (SAF Games) ۾ پاڪستاني ٽيم جو چيف ڊي مشن (Chief d. Mission) يعني رانديگرن جي ٽيم جي اڳواڻ طور شرڪت ڪيائين. 1996ع ۾ ڪلڪتي (ڀارت) ۾ ورلڊ ڪپ جي شروعات (opening) ۾ وفد جي ميمبر جي صورت ۾ شريڪ ٿيو. کيس زرعي يونيورسٽيءَ مان راندين جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي اعزازي طور شيلڊ به ڏني وئي. <br /> پير آفتاب حسين شاهه جيلاني سنڌ اندر شفاف سياست ڪندڙ سياستدانن ۾ شمار ٿئي ٿو. ابتدا کان وٺي سياست ۾ پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل رهيو. 1977ع ۾ صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر ۽ تعليم ۽ ٻيلي کاتي جو وزير رهيو. 1993ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1996ع ۾ به قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1988ع ۾ حڪومت سنڌ ۾ صنعتن جو وزير ۽ 1990ع ۾ خوراڪ ۽ زراعت جو وفاقي وزير رهيو.<br /> پير آفتاب شاهه جيلاني، 1986ع کان 1993ع تائين وارو عرصو نئشنل پيپلزپارٽيءَ ۾ نامور سياستدان رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ سان گڏ رهيو. 1993ع کان 1996ع تائين ڪلچر، اسپورٽس ۽ ٽوئرزم جي اسٽئنڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين؛ 1996ع تائين خوراڪ ۽ زراعت جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر، ۽ 1993ع کان 1999ع تائين ڪشمير بابت خاص ڪميٽيءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي. پيرصاحب جا پنهنجي والد بزرگوار وانگر سنڌ جي اهم خاندانن: پيرصاحب پاڳاري، هالن جي مخدوم صاحبن، ڄاموٽ خاندان، راشدي برادران سان لاڳاپا رهيا آهن ۽ خاص ڪري سائين جي ايم سيد ۽ ڀٽي خاندان سان سندس تمام گهاٽي ويجهڙائي رهي آهي. ذاتي طرح ماڻهن جي سماجي ڪمن ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو ۽ سندس سنڌ جي پروگريسو زميندارن ۾ شمار ٿئي ٿو. پيرصاحب سنڌ چئمبر آف ائگريڪلچر جو پڻ ميمبر رهيو آهي. سنڌ شگر ڪين ائسوسيئيشن جو ميمبر به رهيو آهي. 1974ع ۾ آمريڪا ۾ زرعي دوري تي ويو. پارليامينٽ جي ميمبر طور 1993ع کان 1998ع تائين روس، انگلنڊ، پولئنڊ، جاپان، ميڪسيڪو، ڪينيا ۽ چين وغيره ۾ پارليامينٽ جي ميمبر طور نمائندگي ڪيائين. اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ پارليامينٽ جي ميمبر طور شرڪت ڪيائين. مطلب ته پيرصاحب ملڪ جو هڪ اهم سياستدان آهي، جنهن کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هن وقت (2009ع) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ پاران قومي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي ۽ راندين واري کاتي جو وزير آهي.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D9%81%D8%AA%D8%A7%D8%A8%20%D8%B4%D8%A7%D9%87%D9%87%20%D8%AC%D9%8A%D9%84%D8%A7%D9%86%D9%8A آفتاب شاهه جيلاني : (Sindhianaسنڌيانا)</ref> ==حوالا== {{حوالا}} [[زمرو:شخصيتون]] f5gsrcoeud7kglt0ktwdhb8sxvdcxc5 240206 240205 2022-08-13T09:26:36Z مھتاب احمد سنڌي 4990 wikitext text/x-wiki پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ جو فرزند '''پير آفتاب حسين شاھ جيلاني'''، 15 نومبر 1946ع تي [[ميرپور خاص|ميرپورخاص]] ۾ ڄائو. پرائمريءَ کان مڊل تائين تعليم سينٽ مائيڪل ڪانوينٽ اسڪول ميرپورخاص ۾ حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص مان ڪيائين. بي. ايس سي (آنرس) ۽ ايم. ايس سي (آنرس) زرعي ڪاليج (يونيورسٽي) ٽنڊي ڄام مان پاس ڪيائين. ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي تعليم دوران ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪئپٽن رهيو. ڪرڪيٽ جو فرسٽ ڪلاس رانديگر رهيو. سنڌ جي ٽيم جو ڪئپٽن رهيو آهي. 1972ع کان 1977ع تائين سنڌ ڪرڪيٽ ائسوسيئيشن جو وائيس پريزيڊنٽ رهيو. ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ قائداعظم ٽرافي، ايوب ٽرافي ۽ پينٽگيولر ٽرافي حاصل ڪري چڪو آهي. 1974ع ۾ سريلنڪا ۽ سنڌ درميان ڪرڪيٽ ٽيم جو ميمبر رهيو. 1995ع ۾ ڀارت ۾ سارڪ ملڪن طرفان کيڏجندڙ سيف گيمز (SAF Games) ۾ پاڪستاني ٽيم جو چيف ڊي مشن (Chief d. Mission) يعني رانديگرن جي ٽيم جي اڳواڻ طور شرڪت ڪيائين. 1996ع ۾ ڪلڪتي (ڀارت) ۾ ورلڊ ڪپ جي شروعات (opening) ۾ وفد جي ميمبر جي صورت ۾ شريڪ ٿيو. کيس زرعي يونيورسٽيءَ مان راندين جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي اعزازي طور شيلڊ به ڏني وئي. <br /> پير آفتاب حسين شاهه جيلاني سنڌ اندر شفاف سياست ڪندڙ سياستدانن ۾ شمار ٿئي ٿو. ابتدا کان وٺي سياست ۾ پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل رهيو. 1977ع ۾ صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر ۽ تعليم ۽ ٻيلي کاتي جو وزير رهيو. 1993ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1996ع ۾ به قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1988ع ۾ حڪومت سنڌ ۾ صنعتن جو وزير ۽ 1990ع ۾ خوراڪ ۽ زراعت جو وفاقي وزير رهيو.<br /> پير آفتاب شاهه جيلاني، 1986ع کان 1993ع تائين وارو عرصو نئشنل پيپلزپارٽيءَ ۾ نامور سياستدان رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ سان گڏ رهيو. 1993ع کان 1996ع تائين ڪلچر، اسپورٽس ۽ ٽوئرزم جي اسٽئنڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين؛ 1996ع تائين خوراڪ ۽ زراعت جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر، ۽ 1993ع کان 1999ع تائين ڪشمير بابت خاص ڪميٽيءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي. پيرصاحب جا پنهنجي والد بزرگوار وانگر سنڌ جي اهم خاندانن: پيرصاحب پاڳاري، هالن جي مخدوم صاحبن، ڄاموٽ خاندان، راشدي برادران سان لاڳاپا رهيا آهن ۽ خاص ڪري سائين جي ايم سيد ۽ ڀٽي خاندان سان سندس تمام گهاٽي ويجهڙائي رهي آهي. ذاتي طرح ماڻهن جي سماجي ڪمن ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو ۽ سندس سنڌ جي پروگريسو زميندارن ۾ شمار ٿئي ٿو. پيرصاحب سنڌ چئمبر آف ائگريڪلچر جو پڻ ميمبر رهيو آهي. سنڌ شگر ڪين ائسوسيئيشن جو ميمبر به رهيو آهي. 1974ع ۾ آمريڪا ۾ زرعي دوري تي ويو. پارليامينٽ جي ميمبر طور 1993ع کان 1998ع تائين روس، انگلنڊ، پولئنڊ، جاپان، ميڪسيڪو، ڪينيا ۽ چين وغيره ۾ پارليامينٽ جي ميمبر طور نمائندگي ڪيائين. اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ پارليامينٽ جي ميمبر طور شرڪت ڪيائين. مطلب ته پيرصاحب ملڪ جو هڪ اهم سياستدان آهي، جنهن کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هن وقت (2009ع) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ پاران قومي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي ۽ راندين واري کاتي جو وزير آهي.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D9%81%D8%AA%D8%A7%D8%A8%20%D8%B4%D8%A7%D9%87%D9%87%20%D8%AC%D9%8A%D9%84%D8%A7%D9%86%D9%8A آفتاب شاهه جيلاني : (Sindhianaسنڌيانا)] [[سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو]]، حيدرآباد، سنڌ.</ref> ==حوالا== {{حوالا}} [[زمرو:شخصيتون]] swq4cj5kja6let89e1e7coitn4nqtra آگرا تاج ڪالوني 0 17515 240207 165804 2022-08-13T09:29:59Z مھتاب احمد سنڌي 4990 wikitext text/x-wiki '''آگرا تاج ڪالوني'''، [[ڪراچي|ڪراچيءَ]] شھر جي هڪ مھاجر ڪالوني آهي. هيءُ علائقو لياري نديءَ جي ڪناري تي واقع آهي. اپکنڊ جي ورهاڱي دوران آگري (يوپي) مان لڏي آيل مسلمان اچي ڪراچيءَ جي هن علائقي ۾ آباد ٿيا، جنھن ڪري هن علائقي کي ’آگرا تاج ڪالوني‘ سڏيو وڃي ٿو. ورهاڱي کان اڳ هتي هندن جو وڏو مساڻ هوندو هو.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=آگرا%20تاج%20ڪالوني آگرا تاج ڪالوني : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref> ==حوالا== {{حوالا}} [[زمرو:ڪراچي جا گردونواح]] l964fmgnyzwqy9mx8lbu60jj49f9q6q افسانوي 0 17925 240196 167223 2022-08-13T08:34:35Z مھتاب احمد سنڌي 4990 صفحي کي [[افسانوي ادب]] ڏانھن چوريو wikitext text/x-wiki #چوريو [[افسانوي ادب]] sr455xkh5fwthhfssfywmlhjcv7p67k اطريفل 0 19349 240200 98778 2022-08-13T08:50:05Z مھتاب احمد سنڌي 4990 wikitext text/x-wiki ٽن-وکرن (هريڙن، ٻَھيڙن ۽ آنوِرن) مان ٺھيل ڦَڪي يا معجون. '''ٽِڦلو''' گهڻين ئي بيمارين ۾ حڪيم '''اطريفل''' استعمال ڪرائيندا آهن: جھڙوڪ اطريفل زماني.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B7%D8%B1%D9%90%D9%8A%D9%81%D9%84 اطرِيفل : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref> == حوالا == {{حوالا}} 4ab2j19io993c24r69wxsmd8i4dkiu5 افسانوي ادب 0 31165 240197 119814 2022-08-13T08:39:25Z مھتاب احمد سنڌي 4990 wikitext text/x-wiki '''افسانوي''' يا '''افسانويت''' مان مراد اھڙو ڪوئي ڪم آھي جيڪو، جزوي يا مجموعي طور تي، مصنف جي ايجاد ڪيل غير حقيقي ۽ ھٿ ٺوڪي معلومات يا واقعن تي مشتمل ھجي۔ جيتوڻيڪ افسانويت جو اصطلاح خصوصاً [[ناول|ناولن]] ا۽ [[افسانو|افسانن]] جي لاءِ استعمال ٿئي ٿو، تنھن ھوندي به ھن جو اطلاق جلوه گاھ (ٿيٽر)، فلمن، ٽيليويزن ڊرامن، نظمن ۽ گيتن تي به ٿئي ٿو۔ افسانوي جو ضد غير افسانوي (يا غير افسانويت) آھي جيڪو قطعي طور تي حقيقي (يا گھٽ ۾ گھٽ فرض ڪيل حقيقي) واقعن، تفصيلن ۽ مشاھدن، وغيره جو بيان ھوندو آھي. '''افسانوي ادب''' (Fiction) ڏينهو ڏينهن نوان روپ اختيار ڪندو رهي ٿو. هينئر مختصر افساني ۽ ٻين ڪن صنفن جي ادبي دنيا ۾ گهڻي شهرت آهي. ناول جي اهميت جيتري اڳ ۾ هئي، هن دؤر ۾ ان کان به وڌيڪ آهي. مغربي دنيا ۾ بدستور ناول جي فن ۽ ٽيڪنڪ ۾ نيون نيون تبديليون ۽ واڌارا ٿيندا رهيا آهن. ان مان نه رڳو اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هيءَ صنف ترقيءَ جون منزلون طي ڪري رهي آهي. روزآني جي مشاهدي مان ان ڳالهه جي ڄاڻ پئجي رهي آهي ته ناول جي ضرورت وڌندي پئي وڃي. يورپ ۾ ته فلمون به ناولن تان ٺاهيون وينديون آهن. ناول جي فن سنڌي زبان ۾ ڪا خاص ترقي ڪانه ڪئي آهي. ورهاڱي کان اڳ جيتوڻيڪ ناول گهڻي تعداد ۾ ڇپيا، پر رڳو ٿورا اهڙا اصلوڪا ناول آهن، جيڪي صحيح معنيٰ ۾ ناول چئي سگهجن ٿا، ڪي ترجما ٿيل ناول چڱي انگ ۾ اسان جي ادبي خزاني ۾ شامل آهن. ورهاڱي کان پوءِ ناولَ لکڻ گهٽجي ويا آهن. هن صنف ۾ لکندڙن کي همٿائڻ جي ضرورت آهي. 1952ع کان پوءِ جيڪي ناول سنڌي ٻولي ۾ شايع ٿيا آهن، تن مان ڪجهه هي آهن: * 1) حسنه، رسول بخش خمار * 2) سورج شاخون ڪڍيون، محمد علي ڀٽي * 3) درياء جي ڪپ تي، گل حسن گل * 4) انصاف ڪٿي آ؟، محمد دائود بلوچ * 5) نوران، قاضي عبدالڪريم * 6) نازبوءِ، فضل احمد بچاڻي مٿيان ڪجهه اصلوڪا ناول ۽ انهن کان سواءِ ڪي ٻيا ناول اداري آواز ادب حيدرآباد جا ڇپايل آهن. آر. ايڇ احمد برادرس حيدرآباد به چڱي انداز ۾ جاسوسي، تاريخي ۽ رومانوي ناول ڇاپيا. جن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: * 1) ابيلا، لطف الله بدوي * 2) لاش، خواجه غلام علي الانا ڊاڪٽر منظور احمد عرساڻيءَ به هن صنف ۾ پاڻ کي چڱو موکيو آهي. سندس هڪ ناول ”ڪلب ۽ گهر“ ۽ ٻيو ”مجاهد“ جو نسيم حجازيءَ جي اردو ناول تان ترجمو ٿيل آهي، ڇپجي چڪا آهن. هن دؤر ۾ انگريزي ناولن مان به ڪي سنڌيءَ ۾ ترجما ٿيا آهن، مثال طور، * 1) عاشي * 2) روح جي ڳولا پهريون سر رائيڊ هيگرڊ جي انگريزي ناول ”She“ جو ترجمو آهي ۽ ٻيو ”Shadows in the wall“ جو ترجمو آهي. اهي ٻيئي ناول فضل احمد بچاڻيءَ ترجمو ڪيا آهن ۽ دارالترجمه ٽنڊوالهيار ڇپايا آهن. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪي ناول شايع ٿيا آهن، جي اداره ادب نو ۽ ادبيات وارن ڇپايا آهن. سنڌ جي مشهور اهل قلم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ڪاوشن سبب سنڌي ناول ۾ حقيقي طور اضافو آيو آهي. تاريخي ناول جي فن ۾ کيس خاص ملڪو حاصل آهي، ان سلسلي ۾ سندس خدمات جو گذشته دؤر ۾ تذڪرو ڪيل آهي. هن مختصر عرصي ۾ به سندس ڪافي ناول شايع ٿيا آهن، جن کي ادبي حلقن ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو آهي، انهن مان چند هي آهن: * 1) جپاني گڏي * 2) امڙ * 3) غازي انور پاشا * 4) آزاديءَ جي جنگ * 5) دکن جا مجاهد * 6) سانگهڙ مٿين سڀني ناولن مان سانگهڙ کي هڪ خاص مقام حاصل آهي. رائيٽرس گلڊ طرفان ليکڪ کي هن لکڻي لاءِ انعام به ملي چڪو آهي. هندستان جي مشهور ليکڪا سندري اتمچنداڻيءَ جا ٻه ناول ”پريت پراڻي ريت نرالي“ ۽ ”ڪرندڙ ديوارون“ سنڌ مان به شايع ٿيا آهن.<ref>[http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Articles/Book1/Book_page2.html Sindhi Adabi Board Online Library (Articles)<!-- Bot generated title -->]</ref> <ref>ڪتاب: چار مقالا، ليکڪ، محمد اسماعيل عرساني، سنڌي ادبي بورڊ</ref> {{حوالا}} [[زمرو:سنڌي ادب]] cm1kv2p5e2uspepw4d9q0lopk56e7h8 اعتماد نامي جون سندون 0 35636 240199 165464 2022-08-13T08:47:59Z مھتاب احمد سنڌي 4990 wikitext text/x-wiki سفارتي ٻوليءَ ۾، '''سفارتي دستاويز'''، '''اختيار نامي'''، '''اعتماد نامي''' يا '''ڪريڊينشلز''' (Credentials) مان مراد هڪ رياست جي سربراھ طرفان ٻئي مُلڪ ۾ مقرر ڪيل سفير جي تقرريءَ بابت لکيل سندن سفارشن ۽ ڪاڳرن سان لاڳاپيل هڪ تفصيلي دستاويز هوندو آهي، جيڪو مقرريءَ واري ملڪ جي هم منصب ڏانھن لکيل هوندو آهي. اهي دستاويز مقرر ڪيل سفير جي مقرريءَ واري ملڪ ۾ پھچڻ کان پوءِ سفارتي سندون پيش ڪرڻ واري هڪ روايتي تقريب ۾ مھمان مُلڪ جي آئيني سربراھ کي پيش ڪيا ويندا آهن. انھيءَ تقريب کان سواءِ ڪنھن بہ سفير کي مقرريءَ جي سلسلي ۾ ڪنھن بہ حڪومت طرفان ٻئي حڪومتي سربراھ کي پيش ٿيندڙ تعارفي سند (Letters of Credence) جي وڏي اهميت آهي، ڇاڪاڻ جو انھن ذريعي مھمان مُلڪ جي سربراھ کي مقرر ٿيل سفير جي موقف کي ساڻس لاڳاپيل مُلڪ جي موقف طور مڃتا ڏيڻ جي سفارش ڪيل هوندي آهي.<ref>[http://dic.sindhila.edu.pk/define/Credentials.php Credentials | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون<!-- Bot generated title -->]</ref> == حوالا == {{حوالا}} [[زمرو:بين الاقوامي لاڳاپا]] [[زمرو:سياست]] gzdc46ncbwq1fxpxalv96vjxmdzd7va اضافي اضافيت 0 40034 240202 108094 2022-08-13T08:59:40Z مھتاب احمد سنڌي 4990 wikitext text/x-wiki '''اضافي اضافيت''' (Relative relativity) دراصل ڪنھن بہ ڪتاب، تحرير يا تقرير جي اضافي هئڻ يا مختصر هئڻ جي لحاظ کان اثر انگيزيءَ کي چئبو آهي. جيڪڏهن ڪنھن ڊگهي خط کي مختصر چئي نہ ٿا سگهون. البتہ ڪنھن مختصر خط کي ڊگهي خط جي ڀيٽ ۾ رکبو تہ چئبو هي ڊگهو خط آهي يا هي خط ننڍو آهي. مطلب تہ ڪا تحرير ڊگهي ۽ ڪا مختصر ٿيندي آهي، اهڙي ڪنهن تحرير جو تاثر وڌيڪ ٿيندو آهي ته جنھن کي ٻي تحرير جي نسبت سان ڏسجي، ان قسم جي صورتحال کي اضافي اضافيت چئبو آهي.<ref>ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: [[سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]]، حيدرآباد، سنڌ.</ref> == حوالا == {{حوالا}} a1bghn61l4tqa362c1i25ahxk2cjxpj اعراب 0 40036 240198 108096 2022-08-13T08:45:06Z مھتاب احمد سنڌي 4990 wikitext text/x-wiki '''اعراب''' (Dicrairiticle Marks) [[عربي ٻولي|عربي زبان]] جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي نشاني يا علامت. هر لفظ کي صحيح نموني اچارڻ لاءِ [[زير|زيرون]] [[زبر|زبرون]] ۽ [[پيش]] وغيره ڏنا ويندا آهن. اهڙيءَ ريت شد، مد ۽ جزم وغيره اعرابن ۾ شامل آهن. اعراب ڇوٽي حرف علت جو درجو رکي ٿي اِعرابُون اسم جون جدا جدا حالتون ڏيکارين ٿيون. [[سنڌي ٻولي|سنڌيءَ]] ۾ انھن جي وڏي اهميت آهي. جتي لفظ جي پڇاڙيءَ واري حرف تي اعراب سان اسم جي مذڪر مونث (جنس)، واحد جمع (عدد) ۽ ٻين حالتن جي خبر پوي ٿي. <ref>ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: [[سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]]، حيدرآباد، سنڌ.</ref> == حوالا == {{حوالا}} i39szzh5hzi60g0bxdd76zq9xhfbq36 ائٽمن جو بانڊ 0 41084 240195 111388 2022-08-13T08:22:32Z مھتاب احمد سنڌي 4990 wikitext text/x-wiki '''ائٽمن جي بانڊ''' (atomic bond) اھا قوت يا ڪشش جيڪا [[ائٽم|ائٽمن]] کي پاڻ ۾ ملائي رکندي آهي، کي چئبو آهي. 4d7egcjvez4whc15ldkdcp0qa2nmioz اضطباع 0 57058 240201 186398 2022-08-13T08:54:41Z مھتاب احمد سنڌي 4990 wikitext text/x-wiki '''اضطباع''' چادر وغيره کي اھڙي طريقي سان ويڙھڻ جو ان جو ھڪ پاسو سڄي ڪلھي تي وجھڻ جي بجاء سڄي بغل جي ھيٺان ڪڍي ويڙھبو وڃي ۽ سڄو ڪلھو کليل رھي تہ ان عمل کي اضطباع چئبو آهي.<ref name="آسان فقہ" /> ھي عمل چستي ۽ قوت ظاھر ڪرڻ لاء ڪيو ويندو آهي تہ خدا جا سپاھي دين جي دشمن طاقتن سان وڙهڻ جي لاءِ سندرو ٻڌيو بيٺا آهن.<ref name =" آسان فقہ" >ڪتاب: آسان فقہ، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002ع - صہ 299</ref> ==حوالا== {{حوالا}} 93eh4utiz8b4drqa8kvv8whcfp5enbh اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز، يونيورسٽي آف لنڊن 0 61755 240204 208704 2022-08-13T09:03:41Z مھتاب احمد سنڌي 4990 wikitext text/x-wiki '''اسڪول آف اورئينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز''' جي نالي سان ھيءَ يونيورسٽي [[لنڊن]]، [[عظيم برطانيا|برطانيا]] ۾ موجود آھي، جيڪو عام طور تي "ايس او اي ايس يونيورسٽي آف لنڊن" جي نالي سان سُڃاتو وڃي ٿو.<ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.soas.ac.uk/about/|title=About SOAS University of London (The School of Oriental and African Studies)|website=www.soas.ac.uk|language=en|access-date=2020-12-03}}</ref>" == حوالا== {{حوالا}} fbazcxxc5e3p9kpaaqqo1tjmch9czfo اسڪيپ ڪريڪٽر 0 61855 240203 208865 2022-08-13T09:01:45Z مھتاب احمد سنڌي 4990 wikitext text/x-wiki ڪمپیوٽنگ ۽ ٽيليڪميونيڪيشن ۾، هڪ '''اسڪيپ ڪريڪٽر''' (escape character) هڪ اکر آهي جيڪو هيٺين اکرن تي هڪ متبادل تسلسل کي متبادل تسلسل جي آڇ ڪندو آهي. فرار ٿيندڙ اکر metacharacters جو هڪ خاص ڪيس آهي. عام طور تي ، فيصلو ڪنھن شي جي فرار اکر يا نہ آهي مقصدن تي منحصر آهي. pmldojd3e17ye78fnxb3fiwd1bipvwu