وڪيپيڊيا sdwiki https://sd.wikipedia.org/wiki/%D9%85%D9%8F%DA%A9_%D8%B5%D9%81%D8%AD%D9%88 MediaWiki 1.39.0-wmf.22 first-letter ذريعات خاص بحث واپرائيندڙ واپرائيندڙ بحث وڪيپيڊيا وڪيپيڊيا بحث فائل فائل بحث ذريعات وڪي ذريعات وڪي بحث سانچو سانچو بحث مدد مدد بحث زمرو زمرو بحث باب باب بحث TimedText TimedText talk ماڊيول ماڊيول بحث گيجيٽ گيجيٽ بحث گيجيٽ وصف گيجيٽ وصف بحث آرڪٽڪ وارفيئر رائيفلون 0 46566 240092 137569 2022-07-31T20:42:45Z CommonsDelinker 103 Removing [[:c:File:Accuracy_International_AW.png|Accuracy_International_AW.png]], it has been deleted from Commons by [[:c:User:Rosenzweig|Rosenzweig]] because: per [[:c:Commons:Deletion requests/Files uploaded by Mikesonline2011|]]. wikitext text/x-wiki {{Infobox weapon |name= آرڪٽڪ وارفيئر رائيفل<br> [[ائڪيوريسي انٽرنيشنل]] | image= | image_size = 300 |caption= |origin=[[يونائيٽيڊ ڪنگڊم]] |type=[[سنائپر رائيفل]] |is_UK=ھا <!-- Type selection --> |is_ranged=ھا <!-- Service history --> |service=1982 (L96A1), 1988 (AW), 1990– اڃان تائين جاري |used_by= |wars=[[عراقي جنگ]]<br />[[افغانستان واري جنگ (2001 کان ھاڻي تائين )]]<br>[[اتر ڪوھ قاف واري بغاوت]]<ref>{{cite web|url=http://www.thefirearmblog.com/blog/2015/06/29/russian-special-forces-using-hk417-ai-aw-in-dagestan/|title=Russian Special Forces Using HK417, AI AW In Dagestan - The Firearm Blog|date=June 29, 2015|publisher=}}</ref><br>[[شام جي گھرو ويڙھ]]<ref>{{cite web|url=http://armamentresearch.com/british-accuracy-international-aw-sniper-rifle-in-syria/|title=British Accuracy International AW sniper rifle in Syria – Armament Research Services|website=armamentresearch.com}}</ref> <!-- Production history --> |designer= |design_date=1982 (PM), 1983 (AW) |manufacturer=[[ائڪيوريسي انٽرنيشنل ]] |production_date=1982– جاري آهي |number= |variants= <!-- General specifications --> |weight= {{convert|6.5|kg|lb|abbr=on|lk=on|sigfig=3}} |length= {{convert|1180|mm|in|abbr=on|sigfig=3}} |part_length= {{convert|660|mm|in|abbr=on|sigfig=3}} |crew= <!-- Ranged weapon specifications --> |cartridge= *[[ونچيسٽر 308. بور گولي]] *[[ ونچيسٽر ميگنم 300. بور گولي]] *[[لئوپئا ميگنم 338. بور گولي]] |calibre= |action= [[گھوڙي وارو سسٽم ]] |rate= |velocity= {{convert|850|m/s|ft/s}} |range= {{convert|800|m|yd|abbr=on}} |max_range= |feed =*گول الڳ ٿيندڙ 308. بور وارين 10 گولين وارو ميگزين *گول الڳ ٿيندڙ 300. بور وارين 5 گولين جو ميگزين |sights= *الڳ ٿيندڙ لوھ جي دوربينيي * رات ۽ ڏينھن جا شيشا }} '''آرڪٽڪ وارفيئر رائيفل '''{{ٻيا نالا|انگريزي=''' Arctic Warfare Rifle '''}} ھٿيارن جي مشھور برطانوي ڪمپني [[ائڪيوريسي انٽرنيشنل]]{{ٻيا نالا|انگريزي=Accuracy International}} جي گھوڙي واري{{ٻيا نالا|انگريزي=bolt action}} سنائيپر رائيفل جو نالو آهي جيڪا 1980 جي ڏھاڪي ۾ متعارف ٿيڻ بعد فوج ، پوليس ۽ عام شھرين ۾ ھڪ مقبول رائيفل آهي آھي. ھنن رائفلن ۾ عام طور تي جرمني جي ڪمپني [[ھمت اينڊ بينڊر]]{{ٻيا نالا|انگريزي=Schmidt & Bender}} جي ٺاھيلپي ايم II واري مقرر يا منظرن کي ويجھو ڪندڙ دوربينيي لڳندي آهي. <ref>{{cite web|url=http://www.zeiss.de/C1257088004A21CA/Contents-Frame/A254D374FD464A4CC12570BC002C5992|title=Zeiss: Telescopic sights for hand-held weapons|publisher=|accessdate=October 26, 2014}}</ref> ==حوالا== {{حوالا|2}} aln2cvn319vkfsilrwcyzuflkgzka2t ڪارونجھر جبل 0 48636 240090 209091 2022-07-31T12:57:30Z 103.228.158.63 wikitext text/x-wiki {{Infobox mountain | name = ڪارونجھر جبل | other_name = ڪارونجھر | photo = فائل:Karoonjhar Mountains.jpg | native_name = | native_name_lang = | photo_size = | photo_alt = | photo_caption = ڪارونجھر جبل جون قطارون | map = Sindh#Pakistan | map_alt = | map_caption = | map_relief = 0 | map_size = | location = [[ننگرپارڪر تعلقو]]، [[ٿرپارڪر ضلعو]], [[سنڌ]], [[پاڪستان]] | label = | label_position = top | elevation = 305 ميٽر | elevation_m = | elevation_ft = | elevation_ref = | prominence = | prominence_m = | prominence_ft = | prominence_ref = | isolation = | isolation_km = | isolation_mi = | isolation_ref = | parent_peak = | listing = | translation = | language = سنڌي | pronunciation = | range_coordinates = {{Coord|24|20|26|N|70|44|0|E|type:mountain_region:PK|display=inline,title}} | coordinates = | coordinates_ref = | topo = | type = | age = | volcanic_arc = | volcanic_belt = | volcanic_field = | volcanic_arc/belt = | last_eruption = | first_ascent = | easiest_route = | normal_route = | access = | child = | embedded = }} '''ڪارونجھر جبل''' {{ٻيا نالا|انگريزي= '''Karoonjhar Mountains '''}} يا '''ڪارونجھر''' پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ننگرپارڪر ۾ واقع ھڪ مشھور جبل جنھن جي قطار جي ڊيگھ 19 ڪلوميٽر آهي ۽ اوچائي 305 ميٽر اٿس.ٿر ۽ پارڪر واري ڀاڱي ۾ ڪو به وڏو جبل ڪونهي. فقط پارڪر ۾ چوڌاري ننڍا ننڍا ٽَڪر آهن. وچ ۾ ننگر پارڪر شهر وٽ جبلن جي هڪ وڏي قطار ڪڪڙ جي بيضي وانگر ڦري اچي ٿي، جنهن جي وچ ۾ ماٿريون آهن. اها قطار ڪارونجهر سڏجي ٿي. انهيءَ گول قطار جي ٻاهرين گولائي، ڪي 32 ميل ۽ ڪي 20 ميل ٻڌائين ٿا. پر سنڌ گزيٽيئر ۾ 12 ميل ڄاڻايل آهي. وڏي جبل جي چوٽي زمين جي سطح کان هزار فوٽ مٿي آهي <ref name =" سنڌ گزيٽيئر "> سنڌ گزيٽيئر، واليوم بي، ٿر پارڪر ڊسٽرڪٽ. سال 1919ع صفحو 3. </ref><ref name =" رائچند هريجن "> ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو </ref>. [[فائل:Karonger Mountains (Nagarparkar).jpg|250px]] هيءَ ٽڪري ننگر اپرڪر شهر جي ڀرسان ڏکڻ الهندي طرف ۽ ڪڇ جي رڻ جي اتر- اڀرندي ڪنڊ تي آهي. ٻين جبلن وانگر هن جو پٿر تمام سخت نه آهي، ته به عمارت جي ڪم اچڻ جهڙو آهي. هتي هندن جي تيرٿ جا ڪي آستان آهن ۽ ڪيترائي قدرتي نظارا ڏسڻ جهڙا آهن.<ref name = " رائچند هريجن "/>.اُن جي چوٽي زمين جي سطح کان هزار کن فوٽ مٿي آهي، جنهن کي ”[[صاحب چنگا]]“ چوندا آهن. ٽڪريءَ جو پٿر ڪٿي ڳاڙهو، ڪٿي روهيءَ جهڙو سخت ۽ ڪارو ۽ ڪٿي ريتيءَ جو پٿر آهي، جو عمارتن جي ڪم اچڻ جهڙو آهي. ننگرپارڪر شهر جون سرڪاري جايون ۽ ماڻهن جا گهر انهيءَ پٿر جا ٺهيل آهن. چوٽيءَ تي هڪ پڪي چُن ۽ سيمينٽ سان لٿل ٿلهو ٺهيل آهي، جو ٽريگنا ميٽريڪل سروي وارن ٺهرايو هو. اڪثر گهمڻ جا شوقين جبل تي چڙهي انهيءَ ٿلهي تي ويندا آهن، جتي چوگرد نهارڻ سان ڌڻيءَ جي قدرت جا عجيب نظارا ڏسبا آهن. ٿلهي جي پاڙ وٽ ننگرپارڪر جو شهر گهاٽن ڇانودار، خاص ڪري نمن جي وڻن سان ڀريل، نظر ايندو آهي. ويراواهه جو ڳوٺ، جو 16 ميل پري آهي، سو ائين پيو ڏسبو ڄڻ ميل ٻه پنڌ مس آهي. ڏکڻ طرف نهاربو ته ڪڇ جو اجهاڳ رڻ. سمنڊ وانگر پيو ڏسڻ ۾ ايندو. ازانسواءِ ننڍا ننڍا ڳوٺڙا، جي جبل جي چوڌاري پکڙيل آهن، سي سڀ ڏسي اکين کي فرحت پيئي ايندي آهي. ٽڪريءَ تي سڌو چڙهڻ ناممڪن آهي تنهنڪري مٿي چڙهڻ لاءِ ڪو سونهون ساڻ کڻبو آهي. اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ چڙهڻ ۾ ۽ اوتروئي وقت لهڻ ۾ لڳندو آهي. چڙهڻ وقت رٻڙ جو بوٽ يا بنان کُڙيءَ جُتي سهولت واري آهي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ ڪري پير ڦٻي بيهندو نه ته آٿڙجي ڪرڻ جو انديشو آهي. پير اُگهاڙا ڪري هلڻ وڌيڪ چڱو آهي. مگر نازڪ طبع ماڻهوءَ لاءِ ائين ڪرڻ ڏکيو آهي ڇو ته ڪنڊا ۽ پٿر پير ڇلي ڇڏيندا. پارڪر ڪولهي ته رات ڏينهن اگهاڙين پيرين جبل ۾ پيا هلندا آهن. پارڪر جون رڍون، ٻڪريون ۽ ڍڳيون به گاهه چرڻ لاءِ ٽڪريءَ تي ڪافي مٿي چڙهي وينديون آهن. هتي ڪيترا قدرتي نظارا ۽ ڪي هندن جي تيرٿ جا آستان آهن، جيئن ته انچليسور، ساڙڌرو، گئومکي، ڀيم ڪُن، جهرڻو، ٻائڻ جو ٻيسڻو ۽ چندن گڍ وغيره. هن ٽڪريءَ جو چوڌاري ننگرپارڪر، ڀويسر، موندرو، مئو، آڌيگام، کارڙيو، ڪاسبو، گهرٽياري وغيره وسنديون آهن، تن مان ننگرپارڪر سڀني مان وڏو ۽ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. انهن ڳوٺن ۾ واپاري ۽ ٻيا هاري ناري ماڻهو رهن ٿا. هن ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ ڪولهي ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو گهر جوڙي رهندا آهن. جي اڪثر مزدور ماڻهو آهن. مگر سانوڻيءَ ۾ اُهي به پوک جو ڪم ڪند آهن. اُهي ڪارونجهر ٽڪريءَ مان گاهه ۽ ڪاٺين جون ڀريون ڪري اچيو مٿين ڳوٺن ۾ وڪڻن. گاهه کانسواءِ گگرانيءَ مان گگر ۽ ڪونڀٽن مان کؤنر گهڻو پيدا ٿئي ٿو، جو وڪري لاءِ ٻين هنڌن ڏي موڪليو ويندو آهي. ٽڪريءَ تي ڪيترن ئي قسمن جا وڻ ٻوٽا ٿين ٿا، جن جي رس مان ماکيءَ جون مکيون ماکي گڏ ڪن ٿيون، جي ڪولهي لوڪ جهنگ مان ڇاڻي، گڏ ڪري، اچي وڪڻندا آهن<ref name =" رائچند هريجن 2 "> ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو </ref>.. == حوالا == {{حوالا}} [[زمرو:سنڌ جا جبل ۽ ٽڪريون]] [[زمرو:ضلعو ٿرپارڪر]] 4s8sjqrzz7hwn7zhaiw735o8cqs5cj2 عاليہ ڀٽ 0 71355 240094 233370 2022-07-31T23:15:49Z Dostojewskij 4338 فائل:Alia Bhatt at Mukesh Ambani’s residence for Ganesh Chaturthi celebration (20) (cropped).jpg wikitext text/x-wiki [[فائل:Alia Bhatt at Mukesh Ambani’s residence for Ganesh Chaturthi celebration (20) (cropped).jpg|thumb|عاليہ ڀٽ]] عاليہ ڀَٽ (انگريزي: Alia Bhatt)، پيدائش 15 مارچ 1993ع، ھندوستان ڄائي برطانوي اداڪارا ۽ ڳائڻي آھي. ھيءَ ھندي فلمن ۾ ڪم ڪندي آھي<ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.hindustantimes.com/entertainment/alia-bhatt-can-t-vote-in-2014-encourages-youth-to-cast-their-votes/story-O0cEnVn13dMi85tnQIiJmK.html|title=Alia Bhatt can't vote in 2014, encourages youth to cast their votes|date=2014-04-03|website=Hindustan Times|language=en|access-date=2021-12-20}}</ref><ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.thequint.com/entertainment/celebrities/did-you-know-that-alia-bhatt-akshay-kumar-katrina-kaif-jacqueline-fernandez-and-deepika-padukone-cant-vote-in-india|title=Akshay, Alia, Jacqueline: Bollywood’s ‘Foreign’ Voters|last=Sharma|first=Muskan|date=2017-02-22|website=TheQuint|language=en|access-date=2021-12-20}}</ref>. ھيءَ [[مھيش ڀٽ]] جي ڌيءَ ۽ [[پوجا ڀٽ]] جي ويڳي ڀيڻ آھي. چار فلم فيئر ايوارڊ حاصل ڪيائين. 2014ع کان فوربز انڊيا جي سيليبرٽي 100 ۾ شامل رھي آھي ۽ فوربز ايشيا جي 30 ھيٺيان 30 جي 2017ع واري فھرست ۾ پڻ شامل ٿي. == حوالا == <references /> 1bkdhmpyym5ozf3re0gsrby3nrh9496 نيو ميڪسيڪو 0 71850 240091 239155 2022-07-31T17:26:00Z 777sms 15868 ([[c:GR|GR]]) [[c:COM:FR|File renamed]]: [[File:Nuevo México.ogg]] → [[File:Es-Nuevo México.oga]] [[c:COM:FR#FR4|Criterion 4]] (harmonizing names of file set) wikitext text/x-wiki {{بهترين مضمون|مَئي 2022}} {{Infobox U.S. state | name = نيو ميڪسيڪو (New Mexico) | official_name = نيو ميڪسيڪو جي رياست | native_name = Nuevo México (اسپيني)، Yootó Hahoodzo (نواجا) | Othername = New Mexico | Former = نوئيوو ميڪسيڪو (Nuevo México) (1598–1848)<br />نيو ميڪسيڪو وارو علائقو (1850–1912) | image_flag = Flag of New Mexico.svg | flag_link = Flag of New Mexico | anthem = "[[O Fair New Mexico]]" and "[[Así Es Nuevo México]]"<br />[[File:"O Fair New Mexico" - Regional anthem of New Mexico.oga|center]] | image_seal = NewMexico-StateSeal.svg | image_map = New Mexico in United States.svg | nickname = جادوئي نگري (The Land of Enchantment) | motto = ''{{lang|la|[[Crescit eundo]]}}'' ({{lang-en|It grows as it goes}}) | population_demonym = New Mexican ({{lang-es|Neomexicano, Neomejicano, Nuevo Mexicano}})<ref>[http://lema.rae.es/drae/?val=neomexicano Neomexicano definition] {{Webarchive|url=https://web.archive.org/web/20180627173318/http://lema.rae.es/drae/?val=neomexicano |date=June 27, 2018 }} by [[Royal Spanish Academy]] (Real Academia Española)</ref> | seat = سانتا في (Santa Fe) | LargestCity = البڪرڪي (Albuquerque) | LargestMetro = گريٽر البڪرڪي (Greater Albuquerque) | OfficialLang = None | Languages = [[English language|English]], [[Spanish language|Spanish]], [[Navajo language|Navajo]], [[Keres language|Keres]], [[Zuni language|Zuni]] <ref>{{cite web|url=http://www.mla.org/map_data_results&SRVY_YEAR=2010&geo=state&state_id=35&mode=geographic|title=Most spoken languages in New Mexico in 2010|publisher=MLA Data Center|access-date=November 4, 2012|archive-url=https://web.archive.org/web/20130523182222/http://www.mla.org/map_data_results%26SRVY_YEAR%3D2010%26geo%3Dstate%26state_id%3D35%26mode%3Dgeographic|archive-date=May 23, 2013|url-status=dead}}</ref> | Governor = | Lieutenant Governor = | Legislature = [[New Mexico Legislature]] | Upperhouse = [[New Mexico Senate|سينيٽ]] | Lowerhouse = [[New Mexico House of Representatives|House of Representatives]] | Judiciary = نيو ميڪسيڪو سپريم ڪورٽ | Senators = | Representative = | postal_code = NM | TradAbbreviation = N.M., N.Mex. | area_rank = 5th | area_total_sq_mi = 121,591<ref name="uscensus2010_cph-2-1_area">{{cite web|url=https://www.census.gov/prod/cen2010/cph-2-1.pdf |title=United States Summary: 2010—Population and Housing Unit Counts |website=U.S. Census Bureau |date=September 2012 |access-date=March 14, 2020 |page=41 }}</ref> | area_total_km2 = 314,918 | area_land_sq_mi = 121,298<ref name="uscensus2010_cph-2-1_area" /> | area_land_km2 = 314,161 | area_water_sq_mi = 292<ref name="uscensus2010_cph-2-1_area" /> | area_water_km2 = 757 | area_water_percent = 0.24 | population_as_of = 2020 | population_rank = 36th | 2010Pop = 2,120,220 | population_density_rank = 45th | 2000DensityUS = 17.2 | 2000Density = 6.62 | MedianHouseholdIncome = $51,945 | IncomeRank = [[List of U.S. states and territories by income#States and territories ranked by median household income|45th]] | AdmittanceOrder = ستيتاليھين رياست | AdmittanceDate = 6 جنوري، 1912ع | timezone1 = [[Mountain Time Zone|Mountain]] | utc_offset1 = −07:00 | timezone1_DST = [[Mountain Daylight Time|MDT]] | utc_offset1_DST = −06:00 | timezone1_location = entire state (legally) | timezone2 = [[Central Time Zone (North America)|Central]] | utc_offset2 = −06:00 | timezone2_DST = [[Central Daylight Time|CDT]] | utc_offset2_DST = −05:00 | timezone2_location = [[Nara Visa, New Mexico|Nara Visa]] (informally) | Longitude = 103° W to 109°3′ W | Latitude = 31°20′ N to 37°N | width_mi = 344 | width_km = 552 | length_mi = 371 | length_km = 596 | elevation_max_point = [[Wheeler Peak (New Mexico)|Wheeler Peak]]<ref>{{cite ngs |id=GM0779 |designation=Wheeler |access-date =October 24, 2011 }}</ref><ref name="USGS">{{cite web|url=http://egsc.usgs.gov/isb/pubs/booklets/elvadist/elvadist.html |title=Elevations and Distances in the United States |publisher=[[United States Geological Survey]] |year=2001 |access-date=October 24, 2011 |url-status=dead |archive-url=https://web.archive.org/web/20111015012701/http://egsc.usgs.gov/isb/pubs/booklets/elvadist/elvadist.html |archive-date=October 15, 2011 }}</ref><ref name="NAVD88">Elevation adjusted to [[North American Vertical Datum of 1988]].</ref> | elevation_max_ft = 13,161 | elevation_max_m = 4011.4 | elevation_ft = 5,701 | elevation_m = 1,741 | elevation_min_point = [[Red Bluff Reservoir]] on {{nobreak|Texas border}}<ref name="USGS"/><ref name="NAVD88"/> | elevation_min_ft = 2,845 | elevation_min_m = 868 | iso_code = US-NM | website = www.newmexico.gov | Capital = | Representatives = }} {{Infobox U.S. state symbols | Name = نيو ميڪسيڪو | Flag = Flag of New Mexico.svg | Seal = Seal of New Mexico.svg | Mammal = [[American black bear]] | Bird = [[Greater roadrunner]] | Colors = Red and yellow | Fish = [[Rio Grande cutthroat trout]] | Flower = [[Yucca]] | Food = [[New Mexico chile|Chile peppers]], [[pinto beans]], and [[biscochitos]] | Fossil = [[Coelophysis]] | Gemstone = [[Turquoise]] | Grass = [[Bouteloua gracilis|Blue grama]] | Insect = [[Tarantula hawk|Tarantula Hawk Wasp]] | Reptile = [[New Mexico whiptail]] | Tree = [[Pinus edulis|Two-needle piñon]] | Route Marker = New Mexico 120.svg | Quarter = 2008 NM Proof.png | QuarterReleaseDate = 2008 }} [[File:Geococcyx californianus.jpg|thumb|گريٽر روڊ رنر (Greater Road Runner)، نيو ميڪسيڪو جو قومي پکي|235x235px]] [[File:Yucca (47593643502).jpg|thumb|نيو ميڪسيڪو جو قومي گل يوڪا (Yucca)|235x235 عڪسلون]] [[File:Wheeler Peak 01.jpg|thumb|نيو ميڪسيڪو جي سڀ کان اوچي پھاڙي چوٽي ”ويلر پيڪ“|250x250 عڪسلون]] '''نيو ميڪسيڪو''' ([[انگريزي ٻولي|انگريزي]]: New Mexico، [[اسپيني ٻولي|اسپيني]]: Nuevo México ({{Audio|Es-Nuevo México.oga|ٻُڌو|help=no}})، نواجو: Yootó Hahoodzo) [[آمريڪا جون گڏيل رياستون|آمريڪا جي گڏيل رياستن]] مان ھڪ رياست آھي. جاگرافيائي طور تي چوڪنڊي شڪل جي ھيءَ رياست آمريڪا جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آھي. ھن رياست جون سرحدون اوڀر ۾ [[ٽيڪساس]]، اولھ ۾ [[ايريزونا]]، اتر اوڀر ۾ اوڪلاھوما ۽ ڏکڻ ۾ [[ميڪسيڪو]] سان ملن ٿيون. ھن رياست جي گاديءَ جو ھنڌ سانتا في (Santa Fe) آھي جيڪو آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ پراڻي ۾ پراڻو گاديءَ جو ھنڌ آھي. [[ايلبقرقي|البقرقي]] (Albuquerque) ھن رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر آھي. نيو ميڪسيڪو پکيڙ جي لحاظ کان آمريڪا جي پنجين وڏي رياست آھي جڏھن تہ آباديءَ جي لحاظ کان 36ھين وڏي رياست آھي. ھن رياست جي آبادي 21 لکن کان ٿوري وڌيڪ آھي. جاگرافيائي طور تي ھن رياست جي آبھوا مختلف علائقن ۾ مختلف آھي. ھن رياست جي اتر ۽ اوڀر جي موسم ڪافي ٿڌي آھي جڏھن تہ ڏکڻ ۾ گرم ۽ ريگستاني آھي. ريو گرانڊي ( Rio Grande) ندي ھن رياست جي مرڪزي علائقن مان اتر کان ڏکڻ طرف وھي ٿي. ھن نديءَ جي ٻنھي ڪپن وارا علائقا زرخيز آھن ۽ انھن علائقن جي موسم خوشگوار آھي. ھن رياست جي ٽيون حصو زمين مرڪزي سرڪار جي ملڪيت آھي جنھن ۾ ڪيترائي يادگار ۽ قومي پارڪ قائم ڪيا ويا آھن. ھن رياست جا ٽي ماڳ [[يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو|يونيسڪو جي ثقافتي ورثي وارن ماڳن]] جي فھرست ۾ شامل آھن.<ref>Centre, UNESCO World Heritage. "United States of America". ''UNESCO World Heritage Centre''. Retrieved April 26, 2022.</ref> ھن رياست جي معاشي ذريعن ۾ تيل، معدني شيون، زراعت، ڪاٺ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي ٿيندڙ کوجنا، سياحت ۽ ٽيڪسٽائل جون صنعتون شامل آھن. 2020ع ۾ ھتان جي مجموعي گھرو پيداوار 95.73 بلين ڊالر ۽ في ماڻھو مجموعي گھرو پيداوار 46،300 ڊالر ھئي.<ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.statista.com/statistics/188085/gdp-of-the-us-federal-state-of-new-mexico-since-1997/|title=U.S. federal state of New Mexico - real GDP 2000-2021|website=Statista|language=en|access-date=2022-04-26}}</ref>,<ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.statista.com/statistics/1038739/new-mexico-gdp-per-capita/|title=New Mexico: per capita real GDP 2000-2019|website=Statista|language=en|access-date=2022-04-26}}</ref> ھتان جي فلمي صنعت بہ ملڪ جي وڏين صنعتن مان ھڪ آھي.<ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.abqjournal.com/2395317/new-mexicos-film-industry-has-bounded-back-to-near-prepandemic-levels.html|title=New Mexico's film industry has bounded back to near pre-pandemic levels - Albuquerque Journal|website=www.abqjournal.com|access-date=2022-04-26}}</ref> ھن رياست ۾ ڪيتريون ئي فوجي ڇانوڻيون موجود آھن ۽ ھٿيارن ۽ فوجي سازوسامان ٺاھڻ جون صنعتون پڻ قائم آھن. ھن ئي رياست ۾ آمريڪا جي پھرئين ائٽمي بم جو ٽيسٽ طور ڌماڪو ڪيو ويو ھو. تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ ھن علائقي ۾ اصلوڪن آمريڪي ماڻھن جا مختلف قبيلا آباد ھئا.<ref>{{Cite book|url=https://www.worldcat.org/oclc/62282068|title=New Mexico|last=Roberts|first=Calvin Alexander|date=2006|publisher=University of New Mexico Press|others=Susan A. Roberts|isbn=978-0-8263-4003-0|edition=Rev. ed|location=Albuquerque|oclc=62282068}}</ref> سورھين صدي عيسويءَ ۾ ھتي اسپين کان آيل سياح پھتا جن ھن علائقي ۾ پنھنجيون وسنديون قائم ڪيون. انھن ماڻھن ھن علائقي کي ''Nuevo México'' نالو ڏنو<ref>{{Cite news|url=https://www.npr.org/templates/story/story.php?storyId=12512979|title=Is New Mexico a State? Some Americans Don't Know|work=NPR.org|access-date=2022-04-26|language=en}}</ref> جيڪو اڳتي ھلڪي نيو ميڪسيڪو ٿي ويو. 1521ع ۾ اسپين مان آيل ماڻھن ھن علائقي کي ”نيو اسپين“ جو نالو ڏئي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. 1821ع ۾ ھي علائقو ميڪسيڪو جي خودمختيار رياست جو حصو بنجي ويو. 1848ع ۾ ميڪسيڪو آمريڪا جنگ کان پوءِ ھن علائقي کي آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ شامل ڪيو ويو. 6 جنوري 1912ع تي نيو ميڪسيڪو کي آمريڪا جي 47ھين رياست بنايو ويو. نيو ميڪسيڪو آمريڪا جي گڏيل رياستن مان اھا رياست آھي جنھن جي رھواسين جي اڪثريت اسپيني ۽ لاطيني نسلن سان واسطو رکي ٿي. ھتي اصلوڪا آمريڪي بہ چڱي تعداد ۾ آباد آھن. == جاگرافي == نيو ميڪسيڪو رياست جي پکيڙ 314،900 چورس ڪلوميٽر (121,590 چورس ميل) آھي. ھيءَ رياست پکيڙ جي لحاظ کان [[الاسڪا]]، [[ٽيڪساس]]، [[ڪيليفورنيا]] ۽ مونٽانا کان پوءِ آمريڪا جي پنجين وڏي رياست آھي. ھن جي اوڀر واري سرحد 103<sup>0</sup> اولھ ڊگھائي ڦاڪ تي اوڪلاھاما سان ۽ 103<sup>0</sup>اولھ ڊگھائي ڦاڪ کان ساڍا ٽي ڪلوميٽر اولھ ۾ [[ٽيڪساس]] سان ملي ٿي. ڏکڻ ۾ ھن جي 2/3 سرحد ٽيڪساس سان ۽ باقي 1/3 سرحد ميڪسيڪو سان ملي ٿي. ھن جي اولاھين سرحد 109<sup>0</sup>'3 اولھ ڊگھائي ڦاڪ تي [[ايريزونا]] سان ملي ٿي. ھن رياست جي ڏکڻ اولھ واري سرحد کي بوٿيل (Bootheel) سڏيو وڃي ٿو. اتر ۾ ھن جي سرحد [[ڪولراڊو|ڪولوراڊو]] سان وڃي ملي ٿي. جيتوڻيڪ ھن رياست جي سرزمين جو وڏو حصو ريگستاني آھي پر ھن رياست ۾ قدرت جا ڪئين نظارا ڏسي سگھجن ٿا. ڀوري رنگ جا ريگستان، چھچ سائي رنگ جا چراگاھ، برف سان ڍڪيل اوچن جبلن جون چوٽيون ۽ ڇڙوڇڙ ننڍا جبل ماڻھوءَ جو من موھي وجھن ٿا. ھن رياست جي قدرتي حسن کي ڏسندي ماڻھو پيار مان ھن رياست کي جادوئي نگري ڪوٺين ٿا. ھن رياست جو آٽڪل ٽيون حصو، خاص طور تي اتريون حصو جابلو علائقي ۾ گھاٽن ٻيلن سان ڍڪيل آھي، جڏھن تہ ڏاکڻيون حصو ريگستاني آھي. نيو ميڪسيڪو جي اتر اولھ ۾ ڪولوراڊو جو مٿاھون پٽ واقع آھي جنھن ۾ خشڪ چراگاھ، جھنگلي ٻوٽن سان ڀريل ميدان، ٻرندڙ جبل ۽ گھاٽا جابلو ٻيلا ڏسي سگھجن ٿا. ھن رياست جي سرزمين سراسري طور تي سامونڊي مٿاڇري کان 25،00 ميٽر (8000 فوٽ) مٿي آھي. ھن رياست جي اوچي ۾ اوچي پھاڙي چوٽيءَ جو نالو ويلر پيڪ (Weeler Peak) آھي جنھن جي اوچائي 4011 ميٽر (13160) فوٽ آھي. ريو گرانڊي ندي آمريڪا جي گڏيل رياستن جي چوٿين وڏي ندي آھي جيڪا ھن رياست جي مرڪزي علائقي مان گذري ميڪسيڪو واري نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. ان کان علاوھ پيڪوز (Pecos)، ڪئنيڊين (Canadian)، سين جئان (San Juan) ۽ گيلا (Gila) ھن رياست جون وڏيون نديون آھن. ھن رياست ۾ ڪيتريون ئي ھٿرادو ڍنڍون پڻ آھن جن مان ايليفينٽ بيوٽ رزروائزر (Elephant Butte Reservoir) خاص ذڪر جي لائق آھي. == تاريخ == نيو ميڪسيڪو واري علائقي ۾ انساني آباديءَ جي شروعات اڄ کان اٽڪل يارھن ھزار سال پھرين ٿي. انھيءَ دور جي ثقافت کي ڪلوويس ثقافت (Clovis Culture) سڏيو وڃي ٿو.<ref>{{Cite book|url=https://www.worldcat.org/oclc/48256941|title=New Mexico, the distant land : an illustrated history|last=Murphy|first=Dan|date=2000|publisher=American Historical Press|isbn=1-892724-09-X|location=Sun Valley, Calif.|oclc=48256941}}</ref> ھو پٿرن کي گھڙي تيز نوڪدار تير ٺاھي جانورن جو شڪار ڪندا ھئا. ھنن جون عورتون ھڏن ۽ عاج مان ٺھيل زيور پائينديون ھيون. اھي ماڻھو شايد اصل ۾ سائبيريا واري علائقي مان ھجرت ڪري اتر آمريڪا پھتا، جتان وري ھو نيو ميڪسيڪو واري علائقي تائين پھتا. انھن ماڻھن کي تاريخ ۾ پيليو انڊين (Paleo-Indians) يا پيليو آمريڪي (Paeo-American) سڏيو ويو آھي. اڳتي ھلي ھتي منگولون ثقافت (Mongolon Culture) رائج ٿي. انھيءَ ثقافتي دور ۾ ماڻھن ٺڪر جا ٿانو ٺاھڻ سکي ورتا ھئا ۽ انھن ٿانون تي خوبصورت چٽسالي بہ ڪندا ھئا. ھو ننڍن ننڍن ڳوٺن جي صورت ۾ ھڪٻئي سان گڏجي رھندا ھئا.<ref>{{Cite book|url=https://www.worldcat.org/oclc/18163771|title=New Mexico : an interpretive history|last=Simmons|first=Marc|date=1988|publisher=University of New Mexico Press|isbn=0-8263-1110-5|location=Albuquerque|oclc=18163771}}</ref> پھريان يورپي [[اسپين]] کان آيا جن سورھين صدي عيسويءَ ۾ ھتي اچي خيما کوڙيا. ھنن ھن علائقي ۾ پنھنجي حڪومت قائم ڪئي جنھن کي نيو اسپين نالو ڏنو ويو. اڳتي ھلي 1821ع ۾ ھي علائقو ميڪسيڪو جو حصو بنجي ويو. 1848ع ۾ ھي علائقو آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ شامل ڪيو ويو. ھي علائقو اصلوڪن آمريڪي ماڻھن، اسپين مان لڏي آيل يورپين ۽ انگريزن جي وچ ۾ ٿيل جنگين ۽ نفرت جو ھڪ ڊگھي عرصي تائين شڪار رھيو. اھي نفرتون اڄ بہ ڪنھن نہ ڪنھن صورت ۾ موجود آھن. نيو ميڪسيڪو کي 6 جنوري 1912ع تي آمريڪا جي 47ھين رياست جو درجو ڏنو ويو. ھتان جي اصلوڪن آمريڪين کي ھڪ ڊگھي عرصي تائين ووٽ جي حق کان محروم رکيو ويو. ٻي عالگير جنگ کان پوءِ نيو ميڪسيڪو جي آباديءَ ۾ لاڳيتو واڌ ايندي رھي آھي. آمريڪي حڪومت ھتي ٽي وڏيون فوجي ڇانوڻيون قائم ڪيون آھن، جتي فوجي ھٿيارن ٺاھن جي بہ سھولت موجود آھي، پر ٻين رياستن جي ڀيٽ ۾ ھن رياست جي آبادي ڪافي گھٽ آھي. ھن وقت آباديءَ جي لحاظ کان ھيءَ آمريڪا جي 36ھين رياست آھي. == رنگ، نسل ۽ آبادي == ٰ2010ع ۾ نيو ميڪسيڪو جي آبادي 2,059,179 ماڻھن تي مشتمل ھئي. 2020ع ۾ اھا آبادي 2,117,522 ٿي وئي. انھن ڏھن سالن ۾ آباديءَ ۾ واڌ جو تناسب فقط %2.8 رھيو. ھي سمورين آمريڪي رياستن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ۾ گھٽ تناسب آھي.<ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.census.gov/quickfacts/NM#:~:text=People%20%20%20%20Population%20%20%20,%20%202,059,179%20%2042%20more%20rows|title=U.S. Census Bureau QuickFacts: New Mexico|website=www.census.gov|language=en|access-date=2022-04-30}}</ref> ھن رياست ۾ ٻاھران لڏي آيل ماڻھن جو تناسب تمام گھٽ آھي ۽ ڄم جو تناست بہ ڪافي گھٽ آھي. ان ڪري ھن رياست جي ڪجه شھرن جي آبادي وڌڻ جي بجاءَ گھٽجي وئي آھي. ھيٺ ھن رياست جي ڏھن وڏن شھرن جي فھرست ڏجي ٿي جنھن ۾ ڏسي سگھجي ٿو تہ ڏھن مان چئن شھرن جي آبادي وڌڻ جي بجاءِ گھٽجي وئي آھي. ھن رياست جا اڌ کان وڌيڪ رھواسي ھسپانوي ۽ لاطيني نسلن سان واسطو رکن ٿا ۽ اسپيني ٻولي ڳالھائين ٿا. ھن رياست ۾ غربت جو تناسب %18.55 آھي. انھيءَ لحاظ کان ھيءَ رياست مسيسيپي (Mississippi) ۽ لئيزيانا (Louisiana) کان پوءِ سڀ کان غريب رياست آھي. ّخاص طور تي ھتي رھندڙ اصلوڪا آمريڪي ۽ آفريقي آمريڪي (شيدي) ڪافي حد تائين غريب آھن. 2020ع جي انھن اکرن مطابق ھتان جا %56.6 رھواسي اسپيني ۽ لاطيني نسلن مان آھن، جڏھن تہ %26.8 ماڻھو اڇي چمڙيءَ وارا غير ھسپانوي (گورا) ، %11.1 اصلوڪا آمريڪي (ريڊ انڊين)، %1.8 ايشيائي ۽ %1.8 شيدي آھن. ھن رياست ۾ سراسري طور تي ھڪ چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ ۾ فقط ڇھ ماڻھو رھن ٿا. ھيءَ رياست انتظامي طور تي 33 ڪائونٽيز (Counties) ۽ 106 ميونسپالٽين ۾ ورھايل آھي. رياست جي فقط ٻن شھرن البڪرڪي (Albuquerque) ۽ لاس ڪروسيس (Las Cruces) جي آبادي ھڪ لک کان وڌيڪ آھي. رياست جي اڪثر آبادي البڪرڪي ۽ ان جي آسپاس واري علائقي ۾ وسيل آھي. اڪثر اصلوڪا آمريڪي ھن رياست جي دور دراز علائقن ۾ ڳوٺن يا ننڍن شھرن ۾ رھن ٿا. == نيو ميڪسيڪو جا وڏا شھر<ref>{{حوالو_ويب|url=https://worldpopulationreview.com/states/cities/new-mexico|title=Cities in New Mexico by Population (2022)|website=worldpopulationreview.com|access-date=2022-04-26}}</ref> == {| class="wikitable" |+ ! rowspan="2" |نمبر ! rowspan="2" |شھر جو نالو ! colspan="5" |آبادي |- !2010 !2022 !تبديلي (سيڪڙو) !گهاٽائي (في چورس ميل) !پکيڙ (چورس ميل) |- |1 |[[ايلبقرقي]] (Albuquerque) |546,755 |563,165 |3.00% |3,008 |187.22 |- |2 |لاس ڪروسس (Las Cruces) |98,284 |105,292 |7.13% |1,369 |76.93 |- |3 |ريو رينچو (Rio Rancho) |87,977 |102,766 |16.81% |994 |103.42 |- |4 |سانتا في (Santa Fe) |81,012 |86,099 |6.28% |1,648 |52.23 |- |5 |روزويل (Roswell) |48,463 |47,608 |1.76%- |1,602 |29.72 |- |6 |فرمنگٽن (Farmington) |46,042 |42,731 |7.19%- |1,240 |34.46 |- |7 |ھوبس (hobbs) |34,088 |42,057 |23.38% |1,593 |26.40 |- |8 |سائوٿ ويلي (South Valley) |40,976 |40,080 |2.19%- |1,381 |29.02 |- |9 |ڪلوويس (Clovis) |38,278 |37,488 |2.06%- |1,588 |23.61 |- |10 |الاموگورڊو (Alamogordo) |30,679 |33,111 |7.93% |1,548 |21.39 |} == آبھوا == نيو ميڪسيڪو پنھنجي وڻندڙ آبھوا جي ڪري سڄي آمريڪا ۾ مشھور آھي. مجموعي طور تي ھن رياست جي موسم ڪجه علائقن ۾ خشڪ تہ ڪجه علائقن ۾ وري نيم خشڪ آھي، جڏھن تہ جابلو علائقن ۾ براعظمي ۽ الپائن آھي. ھن رياست ۾ سال ۾ سراسري طور تي 350 ملي ميٽر (13.7 انچ) مينھن وسي ٿو. ساليانو گرميءَ جو درجو 4<sup>0</sup>C (40<sup>0</sup>F) (اتريون جابلو علائقو) کان 18<sup>0</sup>C (65<sup>0</sup>F) (ڏکڻ اوڀر وارو علائقو) ٿي سگھيٿو.<ref>http://weather.nmsu.edu/News/climate-in-NM.htm</ref> سٺي موسم ۽ گھٽ آباديءَ جي ڪري ھن رياست جي فضا گدلاڻ کان گھڻي حد تائين پاڪ آھي جنھن ڪري آسمان ۾ تارا صاف ڏسڻ ۾ ايندا آھن، انھيءَ ڪري ھن رياست ۾ خلائي کوجنا لاءِ آمريڪا جي گڏيل رياستن جون ڪجه وڏيون مشاھدي گاھون (Astrnomical Observatories) قائم ڪيون ويون آھن.<ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.abqjournal.com/923136/new-mexicos-window-to-the-stars.html|title=New Mexico's window to the stars - Albuquerque Journal|website=www.abqjournal.com|access-date=2022-04-30}}</ref> == ماحولياتي ۽ زميني تحفظ == ھن رياست جي 77.8 ملين ايڪڙ زمين مان 14.7 ملين ايڪڙ زمين آمريڪا جي مرڪزي سرڪار جي ملڪيت آھي. ھن رياست ۾ نو وڏا قومي يادگار (National Monuments) قائم ٿيل آھن. === قومي ٻيلا<ref>{{cite web|url=http://www.fs.fed.us/recreation/map/state_list.shtml#NewMexico|title=Find a Forest by State|publisher=USDA Forest Service|archive-url=https://www.webcitation.org/6HZSSFW1q?url=http://www.fs.fed.us/recreation/map/state_list.shtml#NewMexico|archive-date=June 22, 2013|access-date=March 20, 2010|url-status=live}}</ref> === {| class="wikitable" |+ |ڪارسن قومي ٻيلو (Carson National Forest) |[[فائل:Carson_National_Forest_-_2021-01-20.jpg|مرڪز|frameless|ڪارسن قومي ٻيلو (Carson National Forest)]] |- |سيبولا قومي ٻيلو (Cibola National Forest) |[[فائل:Trailhead,_Trail_77,_Gooseberry_Trail,_Cibola,_National_Forest_-_panoramio_(1).jpg|مرڪز|frameless|سيبولا قومي ٻيلو (Cibola National Forest)]] |- |لنڪن قومي ٻيلو (Lincoln National Forest) |[[فائل:Lincoln_National_Forest_(15397461699).jpg|مرڪز|frameless]] |- |سينٽا في قومي ٻيلو (Santa Fe National Forest) |[[فائل:Looking_South_from_Hermit's_Peak,_Pecos_Wilderness,_Santa_Fe_National_Forest.jpg|مرڪز|frameless]] |- |گيلا قومي ٻيلو (Gila National Forest) |[[فائل:Gila_Natl_Forest_Nima3.JPG|مرڪز|frameless]] |- |گيلا جو بيابان (Gila Wilderness) |[[فائل:GilaWilderness.jpg|مرڪز|frameless]] |} ڪولوراڊو قومي ٻيلو ان کان علاوہ ڪيترائي يادگار، پارڪ، چراگاھ ۽ ٻيا علائقا سرڪاري سرپرستيءَ ھيٺ قائم ڪيا ويا آھن. == معيشيت == ھن رياست جي آمدنيءَ جا ٽي وڏا ذريعا تيل ۽ گئس جي پيداوار، سياحت ۽ مرڪزي حڪومت کان ملندڙ سرڪاري گرانٽ آھن. 2021ع ۾ ھتان جي مجموعي گھرو اپت (Gross Domestic Product) اٽڪل 95 بلين ڊالر ھئي<ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.statista.com/statistics/188085/gdp-of-the-us-federal-state-of-new-mexico-since-1997/|title=U.S. federal state of New Mexico - real GDP 2000-2021|website=Statista|language=en|access-date=2022-04-30}}</ref>، جڏھن تہ في ماڻھو ذاتي اپت (per capita personal income) 45،800 ڊالرن کان ٿورو وڌيڪ ھئي.<ref>{{حوالو_ويب|url=https://web.archive.org/web/20090302154227/http://bber.unm.edu/econ/us-pci.htm|title=BBER-UNM: United States: Per Capita Personal Income|date=2009-03-02|website=web.archive.org|access-date=2022-04-30}}</ref> آمريڪا جي گڏيل رياستن مان تيل جي پيداوار ۾ ھيءَ ٻي وڏي رياست ۽ گئس جي پئداوار ۾ نائين وڏي رياست آھي. سياحت ھتان جي وڏين صنعتن مان ھڪ آھي. == اچ وڃ جا ذريعا == ھن رياست جا سمورا شھر روڊ ۽ ريل وسيلي ھڪٻئي سان ۽ ڀروارين رياستن سان ڳنڍيل آھن. ھن رياست ۾ چار وڏا ھوائي اڏا آھن جن مان البڪرڪي بين الاقوامي ھوائي اڏو ۽ سينتا في ھوائي اڏو خاص اھميت رکن ٿا. ڪجه ٻين ھنڌن تي ننڍا ننڍا ھوائي اڏا موجود آھن. ھن رياست کي اھو اعزاز حاصل آھي تہ آمريڪا جي گڏيل رياستن جو پھريون خلائي اڏو (Spaceport) ھن رياست ۾ قائم ٿيو. ھتان ڪيترائي راڪيٽ ۽ خلائي جھاز خلائي سفر تي روانا ٿيندا رھيا آھن ۽ اھو سلسلو جاري آھي. == اعليٰ تعليم == [[فائل:New_Mexico_State_University_Center_for_the_Arts.jpg|thumb|نيو ميڪسيڪو اسٽيٽ يونيورسٽي]] ھن رياست ۾ ھيٺيون يونيورسٽيون قائم ٿيل آھن: * يونيورسٽي آف نيو ميڪسيڪو، البڪرڪي * نيو ميڪسيڪو اسٽيٽ يونيورسٽي، لاس ڪروسيس * نيو ميڪسيڪو انسٽيٽيوٽ آف مائننگ اينڊ ٽيڪنالاجي، سوڪورو * ايسٽرن نيو ميڪسيڪو يونيورسٽي، پورٽيلس * نيو ميڪسيڪو ھائيلينڊس يونيورسٽي، لاس ويگاس * ويسٽرن نيو ميڪسيڪو يونيورسٽي، سلور سٽي == حوالا == rscut20ld1wgnybfaj38a4wdrxhtl5u جيمز پيس 0 72068 240093 240032 2022-07-31T21:41:18Z 31.146.170.161 wikitext text/x-wiki             [[فائل:James Peace at home in Wiesbaden3.jpg|thumb|                         جيمز پيس ويزباڊن گھر ۾|ساڄو]] ڪينٿ جيمز پيس ([[انگريزي ٻولي]] ۾:Kenneth James Peace) 28 سيپٽمبر 1963 ۾ پيزلي ۾ ڄائو. پاڻ [[اسڪاٽلينڊ|اسڪاٽ]] لينڊ سان تعلق رکندڙ ھڪ ڪمپوزر، ڪانسرٽ ۾ پيانو وڄائيندڙ ۽ وزيول آرٽسٽ آھي == سوانح عمري == جيمز پيس 28 سيپٽمبر 1963 ۾ [[اسڪاٽلينڊ|اسڪاٽ]] لينڊ جي شھر پيزلي ۾ ڄائ <ref name=":0">برگيٽا ليمپرٽ. <nowiki>''بنا''ڪنڊن وارو''آواز''</nowiki>. ويزبيڊ ترتيگ بلات (جرمن اخبار) 10 فيبروري 2011</ref><ref name=":1">جوليا اينڊرٽان <nowiki>''ھڪ ڪڙي مٺي آکاڻي وانگر ٽانگو ناچ''</nowiki>ويزبيڊ نرڪورير (جرمن اخبار)، 24 مارچ 2012</ref>. ھن جو ننڍپڻ گھڻي ڀاڱي [[اسڪاٽلينڊ|اسڪاٽ]] لينڊ جي اولھ سامونڊي شھر هيلينسبرگ ۾ گزريو.ھن جي خاندان ۾ ڪيترائي آرٽسٽ شامل آھن (جھڙوڪ جان مِڪ گي) ۽ 20 صدي جي پھرين اڌ ۾ رقص جي موسيقي جو معروف ڪمپوزر فيلڪس برنز بہ سندس مائٽ ھو. ھن اٺن ورھين جي ڄمار ۾ پيانو جي تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪئي ۽ تيرنھن ورھين جي ڄمار ۾ پھريون ڀيرو اسڪاٽ جاپلن جي موسيقي عام ماڻھن جي سامھون پيش ڪئي<ref name=":0" /><ref name=":2">سيبائن ڪلين. <nowiki>''</nowiki>منھنجي موسيقي بہ مون وانگر<nowiki>''</nowiki>-ڏاڍي رومان پرور<nowiki>''</nowiki>۔فرينڪ فرٽررنڊس چائو (جرمن اخبار) 1992، نمبر- 254، صفحو 2</ref>. سورنھن ورھين جي ڄمار ۾ ھن کي رائل اسڪاٽش اڪيڊمي آف ميوزڪ اينڊ ڊراما (جنھن کي ھاڻ 'رائل ڪنزرويٽويئر آف اسڪاٽ لينڊ'چيو ويندو آھي) ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ پاڻ ھيستائين جو سڀ کان ننڍي ڄمار جو ڪل وقتي شاگرد ھو<ref name=":0" /><ref name=":1" /><ref name=":2" /><ref name=":3">جي. ميولر. <nowiki>''ٽانگو نچندڙ پيانو جي روح''</nowiki> ڪلترس پيگل ويترئو (جرمن رسالو). 17 مارچ، 2001، صفحو 5</ref>. 1983 ۾ ھن [[گلاسگو]] يونيورسٽي مان گريجوئشن ڪئي ۽ پيانو سيکارڻ ۾ بي.اي. جي ڊگري حاصل ڪئي<ref name=":3" /><ref name=":6">[https://portal.dnb.de/opac/simpleSearch?query=K.+James+Peace&cqlMode=true ڊوچي نيشنل ببليوتيڪ.<nowiki>''James Peace''</nowiki>]</ref>. ھڪ سال کان پوءِ آرايس اي ايم ڊي آرڪيسٽرا سان ملي مينڊلسنز پيانوڪانسرٽو نمبر1 ۾ پيانو وڄائي موسيقي جي فن جو مظاھرو ڪرڻ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيائين <ref name=":0" /><ref name=":4">فرز (جرمن رسالو). جنوري، 2001، صفحو 5</ref>. باضابطہ تعليم ڇڏڻ کان پوءِ پيانو وڄائيندڙ طور ھن جي تمام گھڻي طلب ٿي وئي ۽ ھو 1988 کان 1991 تائين ايڊينبرگ ۾ رھيو<ref name=":0" /><ref name=":1" />. جيمز پيس 1991 کان 2009 تائين [[جرمني]] جي شھر بيڊناھيم ۾ رھيو<ref name=":4" /><ref>مينفريڊ مرز. <nowiki>''ھڪ فن شناس ۽ حساس رنگين رومانوي دنيا''</nowiki>. ويٽرارور زيٽنگ (جرمن اخبار)، 12 ڊسمبر، 1992، صفحو 19</ref><ref name=":5">دي ٽينگو ٽائمز (نيويارڪ جو ھڪ رسالو). ايڊيشن (39) 2003/2002 . صفحا 1 کان 5</ref>. 1998 کان ھن ٽانگو ناچ جو مطالعو ڪيو ۽ ٽانگو ناچ کان متاثر ٿي پيانو جي پنھنجي ذاتي ڪمپوزيشن وسيلي ٽينگوايسڪوسيس (اسڪاٽ لينڊ جو ٽانگو ناچ) جي ھڪ سي ڊي تيار ڪئي<ref name=":5" /><ref name=":7"> [https://search.nls.uk/primo-explore/fulldisplay?docid=44NLS_ALMA21615957400004341&context=L&vid=44NLS_VU1&lang=en_US&search_scope=SCOPE1&adaptor=Local%20Search%20Engine&query=any,contains,Tango%20escoc%C3%A9s&mode=basic نيشنل لائبرري آف اسڪاٽ لينڊ. <nowiki>''Tango estudio''</nowiki>]</ref>. 2002 ۾ ھو وڪٽوريا ڪالج آف ميوزڪ جو ھڪ اعزازي رڪن ٿيو <ref>لاڪيڊينا (ڊچ رسالو). سيپٽمبر، 2002، صفحو 26</ref>. ان ئي سال ھو ستمبر/آڪٽوبر ۾ اترجرمني ۾ ۽ نومبر ۾ ڏوراوڀر ۾ اڪيلي ڪانسرٽ ٽوئر تي روانو ٿيو ۽ [[هانگ ڪانگ|ھانگ ڪانگ]] ۾ پھرين ٽينگو''XVII''  جي فن جو مظاھرو ڪيو<ref name=":5" /><ref name=":7" /><ref>ٽينگو ٽينگ (ھانگ ڪانگ).نيوزليٽر، 8 اڪٽوبر، 2002</ref><ref>[https://www.scmp.com/article/393890/james-peace <nowiki>'James Peace''</nowiki>. سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ (ھانگ ڪانگ جي اخبار).9 آڪٽوبر، 2002]</ref>. ان کان پوءِ وارن سالن ۾ ھو پنھنجي فن جو مظاھرو گھڻي ڀاڱي يورپ ۾ ڪندو رھيو. ھو ھيٺين گادي جي ھنڌ شھرن ۾ پنھنجي ذاتي ٽينگو موسيقي جي فن جو مظاھرو ڪري چڪو آھي: ايمسٽرڊم، [[يونان]]<ref name=":8">[http://ipda-pianoduo.com/composition-concour-list-english.html انٽرنيشنل پيانوڊوئوايسوسيئيشن. انعام کٽيندڙن ج فھرست، 2002]</ref>، [[برلن]]<ref>ڪانسرٽ پروگرام بروشر (ايٿنز). 27 اپريل، 2016 {''Για σένα Αγγελική''}</ref>، برسلز، [[هلسنڪي|هيلسنڪي]]<ref>ٽونگوڊينزا (جرمن رسالو). ايڊيشن 1/2002-9</ref> ، [[لزبن]]<ref>ڪانسرٽ پوسٽر (ڪانسرٽ ٽوئر فن لينڊ،2014)</ref>، [[لنڊن|لنڊن،]] ميڊرڊ<ref>ڪانسرٽ پوسٽر (ڪانسرٽ ٽوئر پرتگال،2016)</ref>، اوسلو<ref>ڪانسرٽ پوسٽر (ڪانسرٽ ٽوئر اسپين)، 2013 (!''Feliz cincuenta cumpleaños''¡)</ref><ref>لسن. نو ڪانسرٽ، جيمز پيس (پيانو). ميونخ ميوزيم، اوسلو. 16 آڪٽوبر 2004</ref>، [[ريڪجاويڪ|ريڪجاوِڪ]] ۽ [[ويانا]]<ref>ريڪارٿراو-پالسن۔ <nowiki>''</nowiki>اسڪوزير سلاگورپيو ٽانگور<nowiki>''</nowiki>. ماربلاٿيٿ (آئس لينڊ جو اخبار). 14 آڪٽوبر 2004</ref>. ٽانگو ناچ لاءِ سندن خدمتن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ 2008 ۾ ھن کي لنڊن ڪالج آف ميوزڪ جو اعزازي رڪن بڻايو ويو<ref name=":0" />.[[فائل:Tango XVIII by James Peace (James Peace, piano).wav|ساڄو|thumb|Tango XVIII by James Peace (James Peace, piano)]]ايڊنبرگ ۾ مختصر وقت گزارڻ کان پوءِ ھو فيبروري 2010 ۾ [[جرمني]] جي شھر ويزبيڊن ۾ رھڻ لاءِ واپس ھليو ويو<ref name=":2" />. ان سان سندس تخليقي صلاحيتن کي ھڪ نئين طاقت ملي ۽ ھن پنھنجي ڪمپوزيشن تي ڪجھ مختصر فلمون تيار ڪيون. “جيمز پيس ان ويزبيڊن” بہ انھن طرح جي ھڪ دستاويزي فلم آھي<ref name=":9">[https://search.nls.uk/primo-explore/fulldisplay?vid=44NLS_VU1&tab=default_tab&docid=44NLS_ALMA21438757900004341&lang=en_US&context=L&adaptor=Local%20Search%20Engine&query=any,contains,K.%20James%20Peace&mode=basic نيشنل لائبرري آف اسڪاٽ لينڊ <nowiki>''</nowiki>K. James Peace in Wiesbaden"] </ref><ref name=":10"> [https://portal.dnb.de/opac.htm?method=simpleSearch&cqlMode=true&query=idn%3D1022200380 ڊوچي نيشنل ببليوتيڪ. <nowiki>''K. James Peace in Wiesbaden''</nowiki>]</ref>. [[فائل:Tango Milonga op. 26.wav|ساڄو|thumb|Tango Milonga op. 26 no. 3]] == انعام ۽ ايوارڊ == • پھريون انعام، ايجنس ملر ڪامپيٽيشن، [[گلاسگو]] 1983<ref name=":3" /> • پھريون انعام، ڊنبار ٽنشر اي آئي ايس ڪامپيٽيشن، [[گلاسگو]] 1984<ref name=":3" /> [[فائل:James Peace - Idylls Op.4b.webm|thumb|236x236px|James Peace - Idylls Op.4b]] • سبيلئس ايسي پرائز، [[گلاسگو]] 1985<ref name=":3" /> • اعزازي ڊپلوما، ٽي آئي ايم انٽرنيشنل ڪمپوزيشن ڪامپيٽيشن، [[رومانيا|روم]] 2000<ref name=":0" /><ref name=":1" /><ref name=":6" /> • اعزازي ڊپلوما، آئي بي ايل اي فائونڊيشن، نيويار[[ڪراچي|ڪ]] 2000<ref name=":0" /><ref name=":1" /><ref name=":6" /> • يادگار ميڊل، انٽرنيشنل پيانو ڊوئو ايسوسيئشن، [[ٽوڪيو]] 2002<ref name=":0" /><ref name=":1" /><ref name=":6" /><ref name=":8" /><ref>ڪانسرٽ پروگرام بروشر (ويانا). 23 جنوري، 2005</ref><ref name=":9" /><ref name=":10" /> • گولڊ ميڊل ، انٽرنيشنل اڪيڊمي آف <nowiki>''لوٽيس''</nowiki>[[پيرس|،پيرس]] 2005<ref name=":0" /><ref name=":1" /> == اھم ڪمپوزيشنس == • دي واٽرفال<ref>ويزبيڊن اسٽيٽ ٿيٽر. ڪانسرٽ پروگرام 19/12 سيپٽمبر، 2021</ref>  (The Waterfall) • آئيڊيلز (Idylls) • مارننگ سريناڊ (Aubade) • سائيلينٽ ٽيئرز (Silent Tears) • فارگاٽن ليوز (Forgotten Leaves) • اوبوئي سوناٽا (Sonata for oboe and piano) • باليڊ (Ballade) • سريريمونيئل مارچ نمبر ١ (Ceremonial March No.1) • سريريمونيئل مارچ نمبر ٢ (Ceremonial March No.2) • آٽمن گولڊ<ref>شوائي بسخ پوسٽ (جرمن اخبار). <nowiki>''وائلن جي آواز آڪسٽرا کان مٿي ھوندي آھي''</nowiki>. 4 جون، 1994</ref> (Autumn Gold) • ايٽرنل سونگ<ref name=":0" /> (Eternal Song) • <nowiki>''</nowiki>جارجيا لاءِ<nowiki>''</nowiki>(جارجسچي اسپارچي :საქართველოსთვის) (ڳيچ: تمرچيڪ ويدزي، زوراب چيڪ ويدزي ۽ جيمز پيس) • اڪيلي پيانو لاءِ 24 ٽانگو ناچ<ref name=":0" /><ref name=":7" /><ref name=":9" /><ref name=":10" /> == ٻاھريان لنڪ == [https://www.youtube.com/watch?v=LqvKbXK4_rw Souvenir de Buenos Aires اڪيلي پيانو لاءِ- ''youtube'']   ''[https://www.youtube.com/watch?v=_VKxG2dmQn4 youtube]'' [https://www.youtube.com/watch?v=_VKxG2dmQn4 Autumn Gold] ''[https://www.youtube.com/watch?v=ZcMRNnwNJhk youtube]'' [https://www.youtube.com/watch?v=ZcMRNnwNJhk Lento Lacrimoso] == حوالا == bx41e02neb7sna35v7he9g1tbvhoyj0